اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان مل??ي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظو?? ڪري ۽ تعميراتي شعبي بابت مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي صلاحڪار مل?? امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر ع??رت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ش??با?? گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي تعمير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني ب??اي?? پيو وڃي.