اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 144 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان قائداعظم محمد علي جناح کي ننڍي کن?? جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ سندس ڪردار کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ا??وا?? صد?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته اسان پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪريون ٿا.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، هو ا??لي??ن جي حقن جو سڀ کان وڏو حامي هو ۽ انهن جي حقن جي حفاظت جي ضمانت ڏني هئي.