اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پي پيز کي ??دائيگين بابت ??مل??رآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي پيداوار ۽ وڪري جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس نا??ي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي ??مل??رآمد ڪميٽي جي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ??مل??رآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پيز کي ??دائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي ??مل??رآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، نا??ي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پي پيز کي ??هتن جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي ??مل??رآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي ??تمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.