اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد پاڪستان ڏکڻ ايشيا ??ي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي آهي، اڄ اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، اسان انهن حالتن ۾ به قانون جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پوري عزم سان ڪم ڪري رهيا ??هيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا ??ي مسلمانن وچن ڪيو ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙ?? اڇلائينداسين، اسان جي بزرگن ان ڏينهن قائداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار ملڪ جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو ملڪ جتي الله جي حاڪميت ۽ ح??رت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن مو??ب هلي سگهجي.