اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان 23 مارچ پاڪستان ??ي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ??رڻ جي ضرورت آهي، اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ??رڻ آهي، اسان جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ??ابطو آندو آهي، اڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزيراعظم عمران ??ان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان ??زاد ??رڻ لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان ??ه يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ??دترين رياستي جبر درپيش آهي، اسان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ??رڻ لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.