ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي سي ايف آر) جي وفد هتي سنڌ جي گورن?? هائوس ۾ ملاقات ڪئي آ??ي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي سي ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏيهي آ??يس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽ??ن سان رابطا ڪيا آهن، صدر وفد کي خاطري ڪ??ائ?? ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پرڏيهي آ??يس ۽ پي سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويندو. غير ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پي سي ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي سفيرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳاله??ن سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي