لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، قانونن ۾ موجوده فر??م ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، ميڊيا ورڪرز جي آزادي لاءِ ميڪنزم آڻڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن ا??وا?? اقبال لاهور ۾ سي پي اين اي جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جيڪي به قانون آڻيندا??ين?? ميڊيا جي مشاورت سان آڻيندا??ين?? هن چيو ته قانونن جي موجوده فر??م ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا ريگوليشنز اڻٽر آهي، وفاقي وزير چيو ته باقي معاملن کي آرڊيننس جي شڪل ۾ آڻڻو آهي يا ابل جي شڪل ۾، ٽربيونل ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي هي??ت ڪهڙي هجڻ گهرجي، ان ۾ جن ترميمن جي ضرورت آهي ان باري ۾ سي پي اين اي کي آگاهه ??يو ويو آهي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي.