اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽ??ز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان ??ي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جن??ن تحت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ماڊل سان ڪيبل آپريٽ??ز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان ??ي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏ??ن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن ماڊل جي فراهمي سان ڪيبل آپريٽ??ز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آپريٽ??ز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سان ??نهن کي ڊيجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين ک??ن وصول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان ??گاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان ??ي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان ??لي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران مجتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ملڪ محمد وزير اعواڻ، حسن ابدال مان ??اجا عامر، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن ڪراچي جو خزانچي سعيد شاهه، سکر مان ??بدالمقيم کوسو، سکر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان ??اهد ڀٽي شامل هئا.