اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدرا?? پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، پوري دنيا جو ڌيان هن وقت افغانستان تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان بابت هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهباز شريف جي ??ريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ صبح شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي ??زار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي ??وڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر ??نه??جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته هو لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدرا?? پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان واپس گهرائي، شهباز شريف جو ڀاءُ وطن واپس اچي ??نه??جي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. ه?? پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو شهباز شريف ۽ نواز شريف پاڪستاني عوام جي ??اءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پاڪستان جي ??سئلن بابت سنجيده نه آهن. هن چيو ته انهن جو خاندان اربين رپين جون عياشيون ڪري رهيو آهي هڪ تقريب تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف توهان مهانگائي جو گوڙ ڪري رهيا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي منهن ڏيڻو آهي، انهن کي لنڊن ۾و يهي پاڪستاني عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شهباز شريف جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو سياست ڇڏي ڏي ۽ ??نه??جي ??ڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري، جهڙي طرح جون حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرصو جلسن کي خطاب ڪري سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جلد ئي انهن جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي ??نافقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ??و ته انهن افغانستان جي صورتحال تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هو چاهين ٿا ته نواز شريف برطانيا ۾ خوش ر??ي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا انهن کان خوش ر??ن. هن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، شهباز شريف کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي رهيو هوندو آهي ته هن مهيني هو صدر آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.