اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪر?? رهي آهي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، بيروزگاري جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ وڙهند?? رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر رڳو ڦريل دو???? ۽ ??نهنجي ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪر?? رهي آهي، مخالف ڌر کي اهو سمجهڻ گهرجي ته مستقب?? ۾ ??وام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ترقي جي نالي تي وفاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪر?? رهي آهي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻائي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.