اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب مستونگ روڊ ڪوئيٽا ويجهو ڌماڪ?? جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ پنهنجي جانين جي قربانين کان به نه ٿيون ڪٻائين. پنهنجي بيان ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين ۽ ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائيندا رهنداسين. هن چيو ته هو ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي سيڪيورٽ?? جي جوانن جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي صبر جميل ??ي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پ?? جي باقي رهيل دهشتگردن جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.