اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع پاليسي اختيار ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ??وبائي حڪومتن کي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر ۽ وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهي هدايتون هن ملڪ ۾ آبادي بابت مسئلن جي ??اري ۾ اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيون.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته آلودگي جيتوڻيڪ خاموش قاتل آهي، تنهن هوندي به ماضي جي ??ڪومتن ۾ ماحول جو تحفظ ترجيح نه رهيو هاڻي غفلت جي وڌيڪ گنجائش نه آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻو آهي ڇو ته آلودگي جي ڪري وڏي سماجي ۽ معاشي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ملڪ جي ??مورين ميٽروز جي لاءِ نيون بسون، اليڪٽرڪ گاڏيون هجڻ گهرجن، اسان کي صنعتن کي پنهنجي يونٽ شهرن کان ٻاهر منتقل ??رڻ ۽ ماحول جي ??حفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ي منتقل ??رڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع پاليسي اختيار ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ??وبائي حڪومتن کي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايئر ڪوالٽي ڪنٽرول سسٽم جي فروغ جڏهن ته موثر پابندين سان وڏن صنعتي يونٽس کي شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ، گاڏين کي آهستي آهستي اليڪٽرڪ وهيڪل ۾ منتقل ??رڻ ۽ معياري ٻارڻ استعمال ??رڻ تي مراعتون ڏيڻ جي ???? هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان مياواڪي ٻيلن جي ??ريقي جي ??ريعي پنهنجي ??هرن جي وڻڪاري ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، وزيراعظم ماحول جي ??حفظ لاءِ ماڻهن جي ??ويي ۾ تبديلي لاءِ وسيع سطح تي عوامي آگاهي جي ??هيمت کي به اجاگر ڪيو.
ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي گاڏين، صنعتي يونٽ، فاضل مواد ۽ فصلن کي ساڙڻ بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪي آلودگي جي وڏو سبب آهن. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص مددگار امين اسلم، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل سينئرن عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ??ريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.