اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪاري بورڊ آف ڊائريڪٽر جي م??رري لاءِ تجويزون گهرڻ سان گڏوگڏ ڄاڻايل قدمن جي پڄاڻي کي م??رر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب اهي هدايتون وزيراعظم عمران خان سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين احسن اظفر سان ڳالهائيندي ڏنيون جنهن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم کي سيڙپڪاري بورڊ ۾ جاري سڌارن ۽ نئين سر تنظيم تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سيڙپڪاري بورڊ جي نئين بورڊ آف ڊائريڪٽر جي م??رري ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي، سيڙپڪاري بورڊ کي هڪ سسٽين ايبل ادارو بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. سيڙپڪاري بورڊ ايندڙ سال عالمي سيڙپڪاري سمٽ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به هڪ ڌار سيڙپڪاري سمٽ مقرر ڪرڻ وڃي رهيو آهي.