اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ??انفرنس کي خطاب ڪندو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ??و آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، انهن جو خاص خيال رکيو ويندو ته ??يئن انهن جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چيو ته ??ن ڪانفرنس ۾ 57 ملڪن جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي وزي?? شرڪت ڪري رهيا آهن. او آءِ سي ??انفرنس هن وقت افغانستان جي صورتحال ا??ي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تاريخي ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ??و آءِ سي ??انفرنس جو سهرو موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ??انفرنس جو هي قدم وزيراعظم عمران خان ورتو آهي. هن چيو ته ??ن ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙن جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چيو ته هي تمام اهم ڪانفرنس آهي ان جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فوج، سول ادارا، ايجنسيز سي ??ي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ڪري ڪري رهيون آهن.