وزيراعظم عمران خان سان چي?? جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ملاقات
بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪر?? جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چين ۽ پاڪستا?? جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدف?? جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي ڪشميري عوام جي مشڪلات?? جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدم?? جي اهميت تي زور ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چي?? جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻ?? جي وچ ۾ خيرسگالي جذبي، گهري گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻطرفي معاشي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي مرڪزيت جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم کي بيجنگ سرمائي اولمپڪس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ٻنهي ملڪ?? جي بنيادي مفادن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ٿنڀ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپ?? جي 70 سال جي موقعي تي تقريبن سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستي کي نئين سگهه ملي آهي. وزيراعظم ڪورونا وبا دوران پاڪستا?? جي مدد ۽ تعاون ۽ ويڪسي?? جي وقت سر فراهمي تي چي?? جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي پاڪستا?? جي انفراسٽرڪچر، توانائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عوام جي معيار زندگي ۾ بهتري جي حوالي سان تبديلي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل طور تي طئي ٿيل صنعتي، واپاري، صحت، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي ذريعي سي پيڪ جي معياري ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيني وزيراعظم کي سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ پاليسي اصول ۽ تعاون ۽ پاڪستان ۾ چيني شهري?? جي تحفظ، منصوبن ?? ادارن ب??بت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان علائقائي سلامتي ب??بت ڳالهه ٻولهه دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي مشڪلات?? جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدم?? جي اهميت تي زور ڏنو. هن چين ۽ پاڪستا?? جي علائقائي رابطن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدف?? جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي قائم ڪر?? جي عزم کي ورجايو.