اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غير ملڪي سي??پڪ??رن کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي آزاداڻي سي??پڪاري نظام سان غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي ملڪ ۾ سي??پڪاري جي ترغيب ملندي. هو برطانيه جي ڪاروباري وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدرچيو ته پاڪستان سي??پڪاري لاءِ هڪ پرُڪشش مقام آهي ۽ هتي سي??پڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، غير ملڪي سي??پڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ جي آزاداڻي سي??پڪاري نظام سان غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي ترغيب ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ بهترين معاشي ۽ واپاري لاڳاپا آهن، برطانيه جا ڪاروباري ماڻهو معيشت جي مختلف شعبن ۾ سي??پڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته حڪومت خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جڏهن ته غير ملڪي سي??پڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ مراعت??ن فراهم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت سي??پڪ??رن کي پُرڪشش مراعتن جي فراهمي جي ذريعي خصوصي زونز ۾ سي??پڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي.