اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اس?? عمر چيو ??هي ته ڪجهه ماڻهن کي اعتراض ??هي ته وزيراعظم ”ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان لاءِ وزيراعظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو ??هي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وزيراعظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته بي اعتمادي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اس?? عمر چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اس??ن کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪجهه راز قومي نوعيت جا هوندا آهن، وزيراعظم مون کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ ??هي ته اس??ن اهو خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، ان تي سڀني کي اعتماد آهي، هن چيو ته مون کي اجازت نه ??هي ته ان خط ۾ لکيل لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اعتمادي سان جڙيل ??هي ان جون اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چيو ته ان خط جي تاريخ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان لاءِ ??هي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اعتمادي رٿ جو ذڪر آهي، ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها ??هي ته ان ۾ صاف لظن ۾ لکيو ويو ??هي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وزيراعظم رهي ٿو ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. هن چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نواز شريف آهي، پي ڊي ايم ظاهر ??هي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ لکين ماڻهو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آيو قوم وزيراعظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اعتمادي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نواز شريف جون ملاقاتون وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اس?? عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن کي خبر نه ??هي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان ڪير آهي، اهي ماڻهو لاعلمي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن، هن چيو ته اسيمبلي جا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نواز شريف کلي عام ٻاهرين قوتن جو آله ڪار آهي.