اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي ??زارت ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي ??خت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ??رجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي ??ديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي ??ڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي ??انين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي وارثن سان د??ي تعزيت ۽ همدردي جو ??ظه??ر ڪريون ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي ??اچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کي?? انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين د??ستي ۽ جاري تعاون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي ??فاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.