اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي جي جبلن ۾ بلند ??يندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ ??فا?? تي ٺاهه نه ڪرڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو ئي اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي ??فا??، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. پاڪستان جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي جي جبلن ۾ بلند ??يندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي. پاڪستان جي ??فا?? جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي جي سيني ??ي سجايل آهي، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ ??فا?? تي ٺاهه نه ڪرڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي پاڪستان کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني ??ڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ??ميدارن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا سياستدان، انجنيئر ۽ جوهري پروگرام کي پروان چاڙهيندڙ هر ماڻهو تحسين جي لائق آهي. اهي قوم جا هيروز ??هن، اسان جي هٿياربند ??وج جوهري پروگرام لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اهي تاريخ جو سنهري باب آهن پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان قومي اداري قومي سلامتي ۽ ??فا?? لاءِ ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ اسان محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير سان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي سڄي عمر پاڪستان جي ??فا?? تي لُٽائي ڇڏي، اسان پنهنجي انهن سڀني محسنن کي نٿا وساري سگهون جن قوم جي مفاد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان سعودي عرب سميت سڀني پنهنجي ڀائر ۽ عظيم دوست ملڪن جو ٿوروا دا ڪريون ٿا جن معاشي پابندين ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، قوم جي اتحاد محنت ۽ يقين ڪامل سان هاڻي پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان اڄ معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي لاءِ يوم يڪبير واري جذبي کان اڳتي وڌڻو پوندو. اڄ تجديد جي ڏهاڙي جي عهد جو ڏينهن آهي ته پاڪستان جي ??فا??، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. يوم تڪبير تي 10 ڏينهن واري تقريبن کي قوم جي اتحاد ۽ پاڪستان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي جي عزم سان ملهايو ويندو.