اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور ان??از ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سالن کان حل نه ٿي سگهيو، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور ان??از ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميرين تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان آخري دم تائين اها ڪوشش جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو اسلامي ۽ اخلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي ان??ها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان کي ان??انيت جي نالي تي عالمي برادري جي ضمير کي بيدار ڪرڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻو پ??ند??. هن چيو ته ڪشميرين جو موثر آواز بڻجڻ جي لاءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀ??و جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پ??ند??.