ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد پلال چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو حق کسي انهن جو استحصال ڪيو وي??، 5 آگسٽ تي سڄي پ??ڪس??ان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو وي??دو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀر??ور مذمت ڪئي وي??دي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آزاد?? کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀر??ور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پ??ڪس??اني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.