اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي وڌيڪ بلن جي حوالي ??ان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وف??قي وزير خرم دستگير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک ??ان نه ويهندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو ??وابده آهي. آئون پنهنجي عوام س??ن سدائين سچ ڳالهائڻ جي وچن تي قائم آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي ??ان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.