اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ٻوڏ سٽيل ع??ائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل ع??ائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ٻوڏ سٽيل ع??ائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن سا?? ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سا?? ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي دل کولي مدد ??رڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.