اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ميجر خرم شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب ج?? گهروارن سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربا??يو?? ڏ??يو?? آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آ??ي، اهي قربا??يو?? ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عط?? فرمائي.