اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت، عوامي نمائندن، اين جي اوز ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻوڏ سٽيلن کي ريليف فراهم ڪن، انهن جي روزگار جي ذريعي جي بحالي ۽ ٻوڏ ۾ انهن جي گهرن ۽ متاثر علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏين. صدر اها ڳالهه اسلامڪ ريليف يو ايس اي جي صدر محمد انور خان، اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي ?? اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ايڊوڪيسي اسپيشلسٽ رضا حسين قاضي سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامڪ ريليف انٽرنيشنل پاران پاڪستان ۾ بيواهن کي هنر جي تربيت جي ذريعي بااختيار بڻائڻ، اسٽريٽ چلڊرن جي تعليم ۽ غريب ماڻهن ۾ هنرمندي کي فروغ ڏيڻ جي پروگرام کي ساراهيو. هن چيو ته اسلامڪ ريليف انٽرنيشنل جسماني ۽ آن لائين تعليمي طريقن جي ذريعي نوجوانن کي مارڪيٽ جي بنياد تي مهارت حاصل ڪرڻ ۽ معقول روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل هنر فراه?? ڪرڻ جو پروگرام پڻ شروع ڪري سگهي ٿو. هن اها تجويز به ڏني ته مسجدن ۾ فجر ??ان ظهر دوران اسٽريٽ چلڊرن ?? اسڪول ??ان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراه?? ڪرڻ جي لاءِ پيش امامن جي استادن جي طور تي خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب تربيت ۽ تعليم فراه?? ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو. هن مسلم ۽ غيرمسلم ٻنهي ملڪن ۾ مصيبت سٽيل معاشرن ۾ فلاحي ۽ فلاحي ڪم?? جي لاءِ اسلامڪ ريليف انٽرنيشنل کي ساراهيو، جيڪو ان جي بقول مسلمانن جي تشخص کي بهتر بڻائيندو ?? اسلام جي آفاقي قدرن کي ڦهلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر معاشري ۾ روزگار، تعليم جا موقعا پيدا ڪرڻ، صحت ۽ غذائيت جي فراهمي، پاڻي جي وسيلن کي بهتر بنائڻ، صفائي سٿرائي ۽ ڪم??ونٽيز کي قدرتي ۽ انسان ساخته آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ڪم کي پڻ ساراهيو. صدر اسلامڪ ريليف انٽرنيشنل ?? اسلامڪ ريليف پاڪستان پاران ٻوڏ متاثرين کي پناهگاهه، پاڻي، خوراڪ، روڪ گرانٽس ۽ حفظان صحت جون شيون فراه?? ڪرڻ جي لاءِ ڪيل فلاحي ڪم?? کي ساراهيو. هن پاڪستان حڪومت ?? اسلامڪ ريليف انٽرنيشنل ۽ ٻين ڌرين جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ ??ان متاثر ماڻهن تائين انهن جي پهچ کي وڌائي سگهجي ته جيئن انهن جي جلد ۽ ڊگهي مدي واري بحالي کي يقيني بڻائي سگهجي. اسلامڪ ريليف يو ايس اي جي صدر محمد انور خان صدر کي ٻڌايو ته اسلامڪ ريليف انٽرنيشنل 1992ع ??ان پاڪستان سميت 44 ملڪن ۾ پٺتي پيل طبقن جي مدد جي لاءِ ڪ?? ڪري رهي آهي. اسلامڪ ريليف پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آصف علي شيرازي صدر کي تنظيم جي فلاحي ڪم?? تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلامڪ ريليف پاڪستان خيبرپختونخواهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غذائي تحفظ ۽ پائيدار معاش، تعليم، صحت ۽ غذائيت، ٻارن ۽ عورتن جي ترقي ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام جي شعبن ۾ 341 منصوبن تي ڪم ڪيو آهي جنهن سان لاڳاپيل ڪم??ونٽيز کي پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي.