اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار آهي، بريس پ??وگ??ام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي مدد ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هو بريس پ??وگ??ام تحت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، اي ڊي بي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ??يا به شريڪ هئا. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ اي ڊي بي پاران تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪيترن ئي اهم پ??وگ??امن جي شفافيت سان پڄاڻي لاءِ ڀرپور مدد ڪئي آهي ۽ ترقي جي لاءِ اسان جي حصيدار رهي آهي. بريس پ??وگ??ام سماجي تحفظ جي لاءِ حڪومتي قدمن جي معاونت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ هي اهم پ??وگ??ام اسان جي معيشت جي استحڪام ۽ مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان به ڪارائتو ثابت ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پ??وگ??ام کي جاري ڪرڻ تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موج??ده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انهن معاشي مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪي اڳوڻي حڪومت پاران ورثي ۾ مليا آهن. ملڪ ??ي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ قدرتي آفت درپيش آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 32.4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آهي، حڪومت اڪيلي ان مشڪل صورتحال کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي، متاثرين ۾ 70 ارب رپين جي روڪ امداد جي ورڇ جاري آهي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق به پ??وگ??ام تي اي ڊي بي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي اي ڊي بي جي وائيس پريزيڊنٽ چيو ته بريس پ??وگ??ام 1.5 ارب ڊالر جو پ??وگ??ام آهي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرين جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.