اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊ??لر جي قرض جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ترقياتي حصيدارن خاص طور تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پاڪستان جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊ??لر جي بجيٽ سپورٽ جي منظوري تي بئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر م??ساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊ??لر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل ب??الي تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊ??لر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏ??ندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي رقم جي منظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي درپيش ??شڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي امڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير م??مد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي صحيحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.