اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهت?? جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديل?? جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ض??ورت تي زور ڏ??و آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪا??ونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين اجلاس کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ اجلاس جي ميزباني چين ڪئ?? جيڪو ايس سي او جي ڪا??ونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو موجوده سربراهه آهي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مبصر ملڪن جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏ??ندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي او جي وچ ۾ تعاون جي سي??سي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آه?? جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحال?? جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او کي انتهائي اهميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن جي بنياد تي علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ منصوبن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتم?? جي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهت?? جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديل?? جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏ??و ته اهي ”ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترق?? جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ترق?? جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگرد?? جي لعنت کي ان جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏ??و. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابط?? جي اهميت تي پڻ زور ڏ??و ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ض??بطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڪا??ونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.