ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي زور ??نو آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ??نه?? کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ??نو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عر?? امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات ڪئي. شيخ محمد بن راشد المڪتوم وزيراعظم جو دبئي ۾ استقبال ڪيو ۽ ان جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات لاڳاپن جي اهميت تي زور ??نو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل عر?? امارات کي هڪ اعتماد جوڳو سياسي ۽ اقتصادي حصيدار طور ڏسي ٿو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي هر سطح تي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ??نه?? کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. شيخ محمد بن راشد المڪتوم پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جنهن گڏيل عر?? امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عر?? امارات جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن راشد المڪتوم کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.