اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪ??ڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي ??يو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانو??ي قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانو??ي قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ??الهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته وزيراعظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.