اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. وزيرا??ظم مرغي جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پ?? هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي و??ي. رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏيو. وزيرا??ظم وفاقي حڪومت کي و??ن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن کي تنگ ڪري، ان کي قانون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شهباز شريف سخت هدايت ڪئي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وزيرا??ظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئي و??ي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن کي پڪڙيو ۽ قانون جو سبق سيکاريو. وزيرا??ظم اها به هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيرا??ظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پ?? هدايت ڪئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته رمضان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي و??ي.