اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر سري??گر ۾ 22 کان 24 مئي تي جي 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي ڀارت جي فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته نوجوانن جي معاملن تي هڪ مشاورتي فورم (وائي 20) جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن ٻين ??جلاسن جو ليهه ۽ سري??گر ۾ شيڊيول پڻ ايترو ئي پريشان ڪندڙ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ??ه ڀارت جو غيرذميواراڻو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ اها ڀارت پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي برق??ار رکڻ جي تازي قدمن جي ڪڙي آهي. ترجمان چيو ??ه پاڪستان انهن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهڙي طرح جا قدم ڄمون ۽ ڪشمير جي حقيقت کي لڪائي نه ٿا سگهن جيڪو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪ??ار آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان موجود آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته نه ئي اهڙي طرح جون سرگرميون والاريل علائقي جي آبادياتي ساخت کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪوششن سميت ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ڀارت جي وحشياڻي ڏاڍ سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي سگهن ٿيون. بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 ايونٽس جي ميزباني ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي سان ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اهم عالمي گروپ جي پنهنجي ميمبرشپ جو فائدو کڻي رهيو ??هي ته جيئن پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي سگهجي. بيان موجب هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جنهن جو پنهنجي بابت ۽ دنيا ۾ پنهنجي مقام بابت شاندار نظريو ??هي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ??هي ته هو عالمي برادري جي ذميوار ميمبر طور ڪم ڪرڻ کان قاصر آهي.