اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمر??ن خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌ??ان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي ??قيني بڻايو ته عمر??ن خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ??لڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي ??وڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمر??ن خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاثن کي ??هچندڙ نقصان ۽ شر??سن??ن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، آئين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي آئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪر??ان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي ??قيني بڻايو ته عمر??ن خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي ??ڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ??لڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.