بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراقي صدر ڊاڪٽر عبدا??لط??ف رش??د سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي عراقي صدر ڊاڪٽر عبدا??لط??ف رش??د سان اها ملاقات بغداد ۾ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ عراقي صدر گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ??تف??ق ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ احترام ۽ روا??تن تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا ويجها لاڳاپا آهن.