اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف حج جي سعادت ماڻيندڙن کي ??ج جون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان سموري ع??لم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي ??راج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج دوران ج??ڪي تڪليفون برداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ان ج?? عظيم اجر کين ملندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي ??ج جي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي ??ار بار پنهنجي گهر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري ع??لم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي ??نفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ??المن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ڪئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طعي ٿين.