ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽوڪيو ۾ جاپاني ??زيراعظم فوميو ڪيشيڊا سان ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ هن جاپاني ??زيراعظم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاپاني ??م منصب يوشيماسا حياشي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪا??فر??س ??ي خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.