ملتان – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ڪنجي انهن جي هٿ ۾ آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، اڳتي حڪومت ملي ته هڪ لک نه، 50 لک ليپ ٽاپ ورهائيندس، اڳوڻي حڪومت وڏن صنعتڪارن ۾ 3 ارب ڊالر ورهايا، اها رقم تعليم تي خرچ ٿئي ها ته اڄ پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها، ڏينهن رات محنت سان قرض وٺندڙ نه پر ڏيندڙ قوم بڻجنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوانن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جي گورنر ان??ني??ر بليغ الرحمان، پنجاب جي نگران ??ڏو وزير محسن نقوي ۽ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه، وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ سميت استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ??ڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چ??و ته انهي يونيورسٽي ۾ هن ميرٽ تي اڳ ۾ به شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏنا هئا ۽ اڄ ٻيهر کيس اهو موقعو مليو آهي ته اهي هتان جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ورهائي. وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اهي محنت ۽ لگن سان تعليم حاصل ڪن ته ڪنهن سفارش ۽ رشوت جي ضرورت نه آهي. اڄ ان تقريب ۾ هڪ والد جي شفقت کان محروم ٻارڙي جي داستان ٻڌي کيس وڏي خوشي ٿي جنهن رڳو محنت جي زور تي ڪاميابي حاصل ڪئي. وزيراعظم چ??و ته رشوت، سفارش ۽ پنهنجا نوازي سان قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. جيڪي قومون ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪري اڳتي وڌن ٿيون انهن قومن جي ترقي جو رستو ڪير روڪي نه ٿو سگهي. نوجوان اسان جو مستقبل آهن. ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي انهن جي هٿ ۾ آهي. هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ اٽي ۾ لوڻ جي برابر به نه آهي، جيڪڏهن وسيلا ميسر هجن ته آئون هڪ لک نه هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ورهايان. هن چ??و ته ڪالهه اسلام آباد ۾ هن پاڪستان انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪيو. اهو پروگرام اسان پنجاب ۾ شروع ڪيو هو جڏهن آئون خادم پنجاب هئس. ان پروگرام سان لکين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 22 ارب رپين جا وظيفا ڏنا ويا. اهي وظيفا حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڪيترين ئي يورپ جي درسگاهن ۾ پڻ اعليٰ تعليم جي لاءِ ويا. هن چ??و ته اڄ هڪ نوجوان مون کي ٻڌا??و ته هو ۽ ان جو والد ٻئي مزدوري ڪن ٿا. بي شمار شاگرد ۽ شاگردياڻيون اهڙا آهن جيڪي والدين کان محروم آهن، انهن سميت سمورا ٻار رياست جي ذميواري آهن ۽ رياست پنهنجي اها ذميواري پوري ڪندي. نوجوانن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. مون ڏکڻ پنجاب مان دانش اسڪولن جي شروعات ڪئي هئي. پٺتي پيل علائقن ۾ موجود انهن اسڪولن ۾ هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي. وزيراعظم چ??و ته قومون جذبي سان ٺ??نديون آهن. گذريل حڪومت وڏن وڏن صنعتڪارن کي صنعتون لڳائڻ جي لاءِ 3 ارب ڊالر ڏنا، صنعتون لڳڻ سٺي ڳالهه آهي پر اها رقم 3، 4 سيڪڙو وياج تي ڏني وئي، ان سهولت مان انهن صنعتڪارن فائدو کنيو جيڪي اڳ ۾ ئي ارب پتي هئا. وزيراعظم چ??و ته جيڪڏهن ڪنهن کي بئنڪ مان 3، 4 سيڪڙو تي رقم ملي وڃي ته آرام سان بازار ۾ هو ان رقم تي 15، 20 سيڪڙو حاصل ڪري سگهي ٿو. صنعتون لڳائڻ جي لاءِ قرض ڏيڻو ئي هو ته مارڪيٽ ريٽ تي ڏين ها ۽ جيڪڏهن اهو پئسو ائين ئي ورهائڻو هو ته ان تي سڀ کان پهريون حق نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جو هو. اهي 3 ارب ڊالر جيڪڏهن پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ليپ ٽاپ ۽ قرضن جي ورڇ ۽ تعليم تي خرچ ٿين ها ته اڄ اسان کي شايد آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي ها. وزيراعظم چ??و ته ڪالهه آءِ ايم ايف جي بورڊ پاڪستان جي لاءِ قرضن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان انهن جون سخت شرطون قبول ڪيون ۽ ان قرض جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. الله جو شڪر آهي ته اسان ڊيفالٽ کان بچي وياسين. آءِ ايم ايف جو پروگرام اسان جي لاءِ ڪو حلوو يا کير نه آهي، اهي سخت شرط آهن جن کي اسان قبُول ڪ??و ته جيئن ملڪ استحڪام طرف گامزن ٿي سگهي. غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ اسان ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته ملڪ اڳتي وڌندو. هن چ??و ته جيڪڏهن اڳتي عوام کين مينڊيٽ ڏنو ته هڪ لک نه 50 لک ليپ ٽاپ ورهائينداسين ۽ ملڪ ۾ انقلاب آڻينداسين. هن چ??و ته جديد تعليم اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. ملتان ۾ جڏهن مون ميٽرو بس منصوبي جو اعلان ڪ??و ته هڪ صحافي تنقيد ڪئي ۽ چ??و ته اهو رڳو هڪ اعلان آهي، ان منصوبي تي عمل نه ٿيندو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اهو منصوبو مڪمل ٿيو ۽ اڄ علائقي جي عوام ان مان فائدو کڻي رهي آهي. وزيراعظم چ??و ته جيڪڏهن موقعو مل??و ته هو ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهيندا. وزيراعظم چ??و ته ترقياتي منصوبا عوام جو حق آهي ۽ اسان انهن کي اهو حق ڏينداسين. وزيراعظم شجاع آباد فلائي اوور جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو. هن چ??و ته معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. وزيراعظم مشڪل وقت ۾ دوست ملڪن جا به ٿورا مڃيا جڏهن ته هن چ??و ته ڪيستائين اسان اهڙي طرح گذارو ڪندا رهنداسين. هاڻي اسان کي ڏينهن رات محنت سان ثابت ڪرڻو آهي ته اسان دنيا ۾ وٺڻ جي لاءِ ناهيون آيا پر اسان ٻين کي قرض ڏيندڙ قوم بڻجنداسين. اهو وقت انشاءَ الله ضرور ايندو پر ان جي لاءِ ڏينهن رات محنت کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چ??و ته 2011ع کان 2018ع تائين پنجاب حڪومت ۽ وفاق 10 لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ورهايا، انهن ليپ ٽاپ سان شاگردن کي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران تعليم جا موقعا مليا. وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت نوجوانن کي زراعت سميت مختلف شعبن ۾ بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن. تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي چ??و ته اي لرننگ جي زماني ۾ ليپ ٽاپ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ملڪ جي ترقي نوجوانن جي ترقي سان واڳيل آهي ۽ اهو انهي صورت ۾ ممڪن آهي ته اسان نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ڪريون. تقريب ۾ پنجاب پوليس جي دستي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو. تقريب ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻي فضه نعيم ٻڌا??و ته منهنجو والد هن دنيا ۾ نه آهي، مون ايف ايس سي به اسڪالرشپ تي ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ به ميرٽ تي اسڪالرشپ ورتي. منهنجي ڪا سفارش نه هئي. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي شاگردياڻين کي شاباس ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم ڏکڻ پنجاب جي مختلف يونيورسٽين سان تعلق رکندڙ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا. وزيراعظم، وزيراعظم يوٿ لون پروگرام تحت نوجوانن کي قرضن جا چيڪ پڻ ڏنا.