اسلام ??باد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حمزه خان آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عا??مي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي م??ڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پ??ڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي باصلاحيت نوجوان حمزه خان سان ملاقات ٿي جنهن تازو ئي آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عا??مي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ راندين جي ناڪافي سهولتن جي باوجود نوجوان رانديگرن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. مون پاڪستان حڪومت پاران حمزه کي هڪ ڪروڙ رپين جي ننڍڙي رقم انعام ??ور ڏني آهي ۽ ان کان واعدو ورتو آهي ته هو تمام ??لد پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اهڙي طرح سينيئر عا??مي چيمپيئن شپ کٽي پاڪستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ڪندو. مون تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي م??ڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پ??ڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن، مون کي پوري اميد آهي ته انهن قدمن کانپوءِ حمزه خان وانگر هزارين نوجوان عالمي م??ابلن ۾ پ??ڪستان جو نالو روشن ڪندا.