اسلام ??باد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي عوام ??ي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي ??ي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي کان ٿي??دي?? جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي ??ي ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي ??ان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ??حت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي ??اصل ڪرڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي ??اءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.