اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سک ياترين کي پنهنجي م??هب?? رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ياترين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي و??ندڙ ويزا سهولتن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک ياترين جي و??زائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي و??ندڙ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذهب جي مقدس جاين جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياتري اسا?? جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئي ته سک ياترين کي پنهنجي م??هب?? رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس جاين جي زيارت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سک ياترين کي و??زا جي فراهمي جي عمل ??ي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياترين کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي گهرو وزارت پاران سک ياترين کي ميسر ويزا سهولتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي سالياني ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ياترين ??ي وڌيڪ ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.