اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ جديد دور جي پيش ايندڙ چئلينجن کي موثر طور تي م??هن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ، نوجوانن جي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي تعمير لاءِ جامع قدم وقت جي ضرورت آهي، ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي ر??يو آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي وڏيون مشڪل ۽ ڏکيون حالتون درپيش آهن، پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هو اسلام آباد پاليسي ر??سرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري ر??يو هو. نگران وزير??عظ?? چيو ته جديد دور ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي م??هن ڏيڻو پوندو، پاڪستان 24 ڪروڙ جي آبادي رکندڙ ملڪ آهي، ج??هن جي آبادي جو 65 سيڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر وارن جي آهي، ا??هن جون صلاحيتون معاشي طور تي ??ستعمال ۾ آڻي سگهجن ٿيون. اسان پنهنجي انساني وسيلن جي ترقي ۽ هنرمندي جي تعليم ۾ پٺتي ??هيون، جيتوڻيڪ صنعتي ??عبو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ملڪي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ر??يا آهن. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، ج??هن کي معاشي طور تي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ا??هن قدرتي وسيلن کي ملڪ جي لاءِ ڪاميابي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان سان گڏ ترقي جي لاءِ بنيادي ڍانچي جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته جديد دور ۾ خطي ۾ رابطن ۽ لنگهن جي تمام وڏي اهميت آهي، ان سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. ماحولياتي ??بديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ مستقل خطري طور اڀري سامهون اچي ر??يو آهي، ان کي م??هن ڏيڻ ڪ??هن هڪ ملڪ جي لاءِ ممڪن نه آهي، ماحولياتي ??بديلين کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، ماحولياتي ??بديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي قدم کڻڻا پوندا. عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي نگران وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڀارت خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام کي هوا ڏئي ر??يو آهي، ڪشمير مسئلي کي سنجيده بنيادن تي ??ل ڪرڻ ضروري آهي. ڪشمير مسئلي بابت گڏيل قومن جون قراردادون موجود آهن. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي بنيادي حقن جو استحصال ڪيو پيو وڃي. انسانيت جو استحصال ڪندڙ ڀارت پاڻ کي ڪيئن وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته فلسطين ۾ معصوم ٻارن کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪير به 4 هزار 700 ٻارن کي مارڻ جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهي، معصوم ٻارن جي قتل سان اسرائيل پنهنجي جنونيت کي پورو ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. نگران وزير??عظ?? چيو ته افغانستان سان اسان جا پراڻا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. افغانستان ۾ استحڪام خطي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اسلام آباد پاليسي ر??سرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر ايمبيسڊر ڊاڪٽر رضا محمود شريڪ ٿيندڙ جي آجيان ڪندي نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ پاران ڊائيلاگ ۾ شرڪت تي ??ندس ٿورا مڃيا. پاليسي ر??سرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر نگران وزير??عظ?? کي اداري جي تازي پبليڪيشن پيش ڪئي.