اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطينين جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو حامي آهي، اسرائيل جي تازي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ جارحيت جي نتيجي ۾ ??ٽڪ?? 15500 فلسطيني شه??د ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ شه??دن ۾ وڏو ??نگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي، 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، ??اڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي سدائين حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريو?? ٿا، پاڪستان جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، خودمختياري ۽ جاگرافيائي طور تي لڳولڳ فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.