لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ۽ خاتون اول بيگم ثمينه ع??رف علوي شالامار باغ لاهور جو دورو ڪيو ۽ تا??يخي ورثي جي تحفظ جي لاءِ پنجاب حڪومت جي ڪ??شش?? کي ساراهيو، شالامار باغ پهچڻ تي خاتون اول ثمينه ع??رف علوي جي آجيان ڊائريڪٽر جنرل ??الٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري ۽ اميچيئور گارڊنرز ڪلب جي چيئرپرسن نوشين سرفراز ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. اميچوئر گارڊنرز ڪلب جي چيئرپرسن نوشين سرفراز ان موقعي تي خاتون اول کي شالامار باغ ۾ وڻ ۽ ٻوٽن ۽ گلن بابت ٿيل ڪمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل ??الٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول کي شالامار باغ جي رنگ روغن ۽ تحفظ بابت جاري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. بيگم ثمينه ع??رف علوي آثار قديمه جي ورثي جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت ۽ والٽ سٽي لاهور جي ڪ??شش?? کي ساراهيو ۽ سارسنڀال جي لحاظ کان شالامار باغ جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت ثقافتي ورثي جي تحفظ جي لاءِ سڀئي ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. بعد ۾ خاتون اول بيگم ثمينه ع??رف علوي شالامار باغ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جنرل ??الٽ سٽي آف لاهور اٿارٽي ڪامران لاشاري خاتون اول بيگم ثمينه ع??رف علوي کي شيلڊ پيش ڪئي.