ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي ??اءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج (پي اين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم پڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شاگردن سميت مجموعي طور تي 368 گريجوئيٽس کي بيچ??رز ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شاگردن کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ڪندڙ صنعت کي معياري انجنيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي ??اءِ پي اين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روب??ٽڪ?? جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڏس ۾ پي اين اي سي جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نسٽ پي اين اي سي ملڪ جي ??وجوده انجنيئرنگ ج?? ضرورتن کي پورو ڪندي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ جو اعزاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي ??الدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي ??اءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بدلجندڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن پاران ڊگرين جي تڪميل کي شاگردن جي ??اءِ علم جا دروازا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي اين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي اين اي سي پنهنجي شاگردن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ انجنيئرنگ ج?? بهترين تعليم فراهم ڪرڻ جي ??اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته هن اداري مان فارغ ٿيندڙ شاگردن جي ??ومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي نوجوان انجنيئرز کي تيار ڪرڻ جي ??اءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪيل موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي ??الدين جي ??ڏي انگ شرڪت ڪئي.