اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پي آ??ِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپور??س جي آپريشنز جي آ??وٽ سورسنگ جي عمل کي تي?? ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وزيراعظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي پاڪستان انٽرني??نل ايئرلائينز جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي آ??وٽ سورسنگ جي عمل تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي آ??ِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپور??س جي آپريشنز جي آ??وٽ سورسنگ جي عمل کي تي?? ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نق??ان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نق??ان کان بچائڻ سرفهرست آهي.