اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگرد?? جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستا?? جي ڪارروائي ايرا?? جي خلاف نه پر دهشتگرد تنظيم?? جي خلاف هئي. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سدائين ڳالهه ٻولهه ذريعي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ايرا?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پاڪستا?? جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد جو تحفظ آهي، جيڪو سڀ کان مٿانهون آهي ۽ ان تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي. ترجمان پاڪستان پاران ايرا?? جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ خاص هدف تي ٻڌل فوجي حمل?? جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ جاري ڪيل پنهنجي بيان جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم هن وقت ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس ۾ آهي. جڏهن ته نگران پرڏيهي وزير غيروابسته تحريڪ جي سربراهي اجلاس ۽ ٽئين سائوٿ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي دوري تي آهي. هنن موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پنهنجي دورن کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان جاري صورتحال ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ثالثي بابت پڇيل سوال تي چيو ته کيس اهڙي ڪنهن به اڳڀرائي جي ڄاڻ نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ايرا?? جي عوام کي دوست ۽ ڀائر سمجهي ٿو ۽ صورتحال کي وڌيڪ ??را?? ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي. اميد آهي ته ٻي ڌر به ان ڳالهه کي سمجهندي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايران سميت پاڙيسري ملڪن سان رابطا جاري رکندو. ترجمان چيو ته ”مرگ بر سرمچار“ هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هو، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان مسلسل پنهنجي سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايرا?? جي اندر پاڻ کي سرمچار رکند?? پاڪستاني ڄائي دهشتگرد?? جي محفوظ پناهگاهن ۽ ٺڪاڻن بابت ٺوس ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز شيئر ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اسا?? جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي نام نهاد سرمچار بيگناهه پاڪستانين جو وهائيندا رهيا. اڄ صبح جي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن پاران وڏي پئماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ڪئي وئي. هن چيو ته هي ڪارروائي پاڪستا?? جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت هجڻ سان گڏوگڏ سڀني خطر?? جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستا?? جي اڻٿڪ عزم جو به مظهر آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به بهاني يا صورتحال ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏي??دو. ترجمان چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان گڏيل قوم?? جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن بشمول ميمبر ملڪ?? جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هڪ سوال ته ڇا ايران پاڪستا?? جي فضائي حد?? جي خلاف ورزي ڪرڻ کان اڳ اڳواٽ اطلاع ڏنو هو؟ ترجمان چيو ته بلڪل به ڪو اطلاع نه ڏنو هو. هن مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جو حوالو ڏي??دي چيو ته پاڪستان ايران سان واپار ۽ توانائي جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي رابطي ۾ رهيو آهي پر ٻه ڏي??هن اڳ جيڪو ٿيو اهو حيران ڪندڙ هو. غزه جي صورتحال تي هن چيو ته 14 جنوري 2024ع انساني ضمير جي لاءِ هڪ تڪليف ڏي??دڙ ڏي??هن هو، اهو فلسطي?? جي خلاف اسرائيل جي جنگ جو 100 هون ڏي??هن هو، جنهن غزه ۾ 24 هزار کان وڌيڪ جانيون وٺي ڇڏيون آهن، اهو انگ هر گذرندڙ ڏي??هن سان گڏ وڌي رهيو آهي، اسرائيل پاران ظلمن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام کي وحشياڻي ڪاررواين کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن جنوري 1990ع دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل قتل عام جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 100 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. قتل عام جي شهيدن کي شاندار ??را?? عقيدت پيش ڪندي ۽ ذميوار?? جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ترجمان ان ڳالهه تي جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.