اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو پاڪستان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پ??ڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ڏنيون، پ??ڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان جي ذميوار شهري هجڻ ج?? ناطي اسان کي پاڪستان جي خلاف پاڪستان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪر?? سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻ?? سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪيل مستنند معلومات تي دارومدار ڪن.