اسلام آ??اد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه ج?? وچ ۾ ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خ??رسگالي ملاقات ڪئي. سفير وزيراعظم کي ٻي??ر چونڊجڻ تي مبارڪ??اد ڏني ۽ ترڪيه جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻي??ر چونڊجڻ جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران مبارڪ??اد واري ٽيليفون ڪال ۽ مبارڪ??اد جي پيغام کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ج?? وچ ۾ مثالي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ڌرين کي واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ هن ڪان ففٿ جنريشن جي ويڙهاڪ جهاز جي ڪامياب اڏام تي ترڪيه کي مبارڪ??اد ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه بنيادي مسئلن تي هڪ ٻ??ي جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ڪندا رهندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر اردوان جي ٻي??ر پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان دوري جي منتظر آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران وسيع مشاورت ڪرڻ جو هڪ مفيد موقعو فراهم ڪندو.