اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي مح??سب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي مح??سب تائين پهچ کي وڌائڻ جي ??اءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه?? ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو ??ڻي سگهن. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي مح??سب اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ کيس وفاقي مح??سب جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ملاقات دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته وفاقي مح??سب 2023ع ۾ سرڪاري کاتن جي بدانتظامي جي خلاف رڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي. وفاقي مح??سب جي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سال 2023ع ۾ شڪايتن تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، مجموعي شڪايتن مان 193028 جو ازالو ڪيو ويو، سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. وفاقي مح??سب ملاقات ۾ صدر کي مح??سب جي ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته وفاقي مح??سب سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي فوري ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪري رهيو آه??. وفاقي مح??سب چيو ته سال 2023ع ۾ 49190 شڪايتون آن لائين مليون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو، موبائيل ايپ جي ذريعي 22321 شڪايتون مليون جن ۾ سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته مح??سب ٽيڪنالاجي جي ??دد سان ڪيسن جو جلد ازالو ڪري رهيو آه?? جڏهن ته هو ڏرانهن علائقن تائين پهچ وڌائي رهيو آه??. وفاقي مح??سب چيو ته نئين علائقائي آفيسن، کلي ڪچهرين، تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ انسپيڪشن ٽيمن جي دورن سان شڪايتن جي ازالي ۾ مدد ملي آه?? جڏهن ته شڪايتن جي داخلا ۾ اضافو ٿيو. صدر آصف علي زرداري کي ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو ويو ته وفاقي مح??سب سيڪريٽريٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي آفيس رڪارڊ 202367 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي آه??. ان موقعي تي صدر وفاقي مح??سب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پهچ وڌائڻ جي ??اءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.