رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان سعودي عرب پاران اقتصادي حصيداري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جون فني ٽيمون جلد پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺنديون ۽ ڪيترائي گڏيل مفاد تي ٻڌل منصوبا شروع ڪيا ويندا، هن ٻنهي ملڪن جي وچ م ت??ان??ئي جي شعبي خاص طور تي موجوده انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بهتري، قابل تجديد ت??ان??ئي تي ڌيان وڌائڻ ۽ پوري ت??ان??ئي جي ايڪو سسٽم ۾ اهميت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي س??ودي عرب جي ت??ان??ئي واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن سلمان السعود سان ملاقات ڪئي. ارامڪو جو سي اي او ۽ صدر ۽ اي سي ڊبليو اي پاور جو چيئرمين پڻ سعودي ت??ان??ئي واري وزير سان گڏ هئا. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان جي ت??ان??ئي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ت??ان??ئي جي شعبي ۾ تعاون جهڙوڪ ت??ان??ئي جي موجوده انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بهتري، قابل تجديد ت??ان??ئي تي ڌيان وڌائڻ ۽ پوري ت??ان??ئي جي ايڪو سسٽم ۾ افاديت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي ت??ان??ئي واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستانين جي اهم ڪردار کي س??راهيو. سعودي وزير وزيراعظم پاران نشاندهي ڪيل ت??ان??ئي جي منصوبن جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب پاران پاڪستان سان اقتصادي حصيداري کي وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ولي عهد شهزاده ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان سندس ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڌرين اقتصادي تعاون جي ايجنڊا کي نئين جوش ۽ عزم سان اڳتي وڌائي رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جون فني ٽيمون پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺنديون ۽ ڪيترائي گڏيل فائديمند منصوبا شروع ڪيا ويندا. وزيراعظم سعودي عرب جي ويزن ۽ سعودي عرب کي اقتصادي ترقي جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو. ان کانسواءِ وزيراعظم سعودي عرب جي اقتصادي ۽ منصوبابندي واري وزير انجنيئر فيصل الابراهيم ۽ سعودي عرب جي ماحوليات ۽ پاڻي ۽ زراعت واري وزير عبدالرحمان عبالمحسن الفادلي پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعدوي عرب پاران ڏيکاري ويندڙ گهري دلچسپي کي س??راهيو. هن پاڪستاني زرعي شعبي جي صلاحيت تي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي لاءِ بريڊ باسڪٽ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ نه رڳو ٻئي ملڪ پر پوري خطي جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزير وزيراعظم کي 15، 16 اپريل 2024ع تي اسلام آباد ۾ ٿين??ڙ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته سعودي زرعي ڪمپنيون پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيون آهن ۽ اميد آهي ته ٻئي ملڪ زرعي معيشت جي ويليو چين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل منصوبن مان فائدو کڻندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سعودي عرب زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ چٽاڀيٽي جي فائدن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستاني زرعي شعبي کي تعاون جو هڪ اهم شعبو سمجهي ٿو. سعودي عرب جي معيشت واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي وزيراعظم جي ذاي ڌيان کي س??راهيو. وزيراعظم رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي ڪاميابي س??ن ميزباني ڪرڻ تي اقتصادي ۽ منصوبابندي واري وزير کي مبارڪباد ڏني. هن وڌندڙ عالمي عدم استحڪام ۽ بحرانن جي باوجود عالمي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي ڪردار کي س??راهيو.